اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني قانونساز ادارن جي بالادستي ۽ کين مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو آ??ي ته اسپيڪر جو عهدو غيرجانبدار هوندو آ??ي جيڪو حڪومت، اتحادي پارٽين ۽ مخالف ڌر کي هڪ جيترو وقت ڏيڻ، تڪرارن جي صورت ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ جو بااعتماد فورم هوندو آ??ي، پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلين اندر گرفتارين تي ذميوارن خلاف سزائن جو تعين ڪيو ويندو، سمورن اسپيڪرن جي خواهشن آهي ته بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه، ٻطرفي اعتماد سازي هجي ۽ اختلاف راءِ جي عزت ڪئي وڃي، نئين نسل کي پارليامينٽ ??ان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ وانگر صوبائي اسيمبليون به اجلاس جي ڪارروائي ڏسڻ ۽ انٽرنشپ جي سهولت فراهم ڪنداسين، 18 هين ترميم ??ان ملڪ ۾ استحڪام آيو آ??ي، ننڍن صوبن جي احساس محرومي ختم ٿي آهي، انهن معاملن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي. هو ٻن ڏينهن واري 18 هين اسپيڪر ڪانفرنس جي پڄاڻي تي گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته 18 هين اسپيڪر ڪانفرنس ۾ سينيٽ چيئرمين ۽ سمورن اسپيڪرز جو ٿورائتو آ??يان هنن نه رڳو وقت ڏنو پر تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، ا??ان سڀني جي سوچ هڪ آهي ته پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي هجي، ا??ان سڀني جو گڏيل بيان جاري ٿي چڪو آ??ي. ا??ان عزم ڪيو ته پارليامينٽ جي بالادستي ۽ جمهوريت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ سموريون صوبائي اسيمبليون پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون. هن چيو ته حڪومت عددي نمبرن بدران مخالف ڌر کي ملائي قانونسازي طرف وڃي، ا??ان جو گڏيل فيصلو آ??ي ته ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، موسمياتي تبديلي تي ڌيان ڏيون، اسپيڪرز غير جانبدار ٿي سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته تجويزون يا راين بدران سڀني کي گڏجي ويهي ملڪ جي مفادن خاطر پاڪستان جي ذميواري پوري ڪرڻ گهرجي، ا??ان چاهيون ٿا ته پارلياماني قدر، ضابطه اخلاق هجي جنهن ۾ هڪٻئي کي برداشت ڪندي ٻين کي گڏ کڻي هلون. هن چيو ته قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ آئين جي آرٽيڪل 9 اي تحت موسمياتي تبديلي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پارليامينٽ ذريعي ان معاملي تي بحث ڪيو وڃي ته جيئن بهتر کان بهتر تجويزون اچن. هن چيو ته دهشتگردي تي ا??ان ڳالهايو، قانونسازي ڪندي پاليسي قدم کڻڻ ??ان گڏوگڏ صوبي ۽ مرڪز جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو پاڻ ۾ رابطو هجي. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا رولز ۽ پروسيجر هڪجهڙا آهن باقي صوبائي اسيمبلين کي به اهڙا ئي رولز ۽ پروسيجرز ٺاهڻا پوندا. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته ايوان ۾ پارٽي جي چيف وهپ جو اهم ڪردار آهي، دنيا جي بهترين تجربن موجب ا??ان ان ۾ بهتري آڻڻ جا خواهشمند آهيون ڇاڪاڻ ته پارٽي چيف وهپ ايوان ۾ پنهنجي پارٽي جي حاضري، قانونسازي، ترميمن سميت ٻين معاملن تي مک ڪردار ادا ڪن ٿا. هن چيو ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي اهڙي ڪميٽي آهي جيڪا عملدرآمد خاص ڪري آڊٽ پيرا جي وصولين تي ڪم ڪري ٿي، قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي اربين روپين جو وصوليون ڪرايون آهن. هن صاف لف??ن ۾ چيو ته هي پڌرائي صرف دستاويز تي صحيح جي حد تائين نه رهندي پر ان تي عملدرآمد کي نه رڳو مانيٽر ڪيو ويندو پر تعاون جي هڪ نئين دور جو آغاز ٿيندو. هڪ سوال جي جواب ۾ اسپيڪر چيو ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ ڀر??ين جو نظام شفاف ڪيو ويو آ??ي، ا??ان قومي اسيمبلي ۾ ڊيپوٽيشن کي به ختم ڪري ڇڏيو آ??ي ۽ ميرٽ تي ڀر??ين جو ٽاسڪ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن کي ڏئي ڇڏيو آ??ي، ميرٽ بيسڊ مقرريون ٿينديون ۽ مجموعي طور تي مان اسپيڪر جي اختيارن کي گهٽ ڪيو آ??ي. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ارڙهين اسپيڪرز ڪانفرنس جي پڌرائي جي مڪمل تائيد ڪندي چيو آ??ي ته ارڙهين ترميم ??ان ملڪ ۾ استحڪام آيو آ??ي، ننڍن صوبن جي محرومي ختم ٿي ۽ صوبن جي معاملن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي. ارڙهين ترميم موجب صوبن کي اختيار ڏنا وڃن ها ته اوڀر پاڪستان جهڙو واقعو نه ٿئي ها. هن چيو ته ايوان ۾ ا??ان ڊيولوشن ڪميٽي ٺاهي آهي ته جيئن ارڙهين آئيني ترميم کانپوءِ پيش آيل پيچيدگين کي ختم ڪري سگهجي. هن چيو ته ا??ان جيڪي قدم کنيا آهن انهن جو مقصد سياسي استحڪام آهي، جڏهن ملڪ ۾ سياسي استحڪام هوندو ته ان ??ان معاشي استحڪام ايندو. هن تجويز ڏني ته ا??ان کي ميثاق معيشت آڻڻو پوندو، ترقي يافته ملڪ به آهن جتي سياسي استحڪام نه آهي پر معاشي استحڪام آهي، مصنوعي ذهانت مان به فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته ڳالهيون نه ڪنداسين ته معاملا حل نه ٿيندا، اختلاف راءِ ان وقت تائين جمهوري رهي ٿي جيستائين ملڪ کي نقصان نه پهچائي.