اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائون??ل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخ??اقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته انساني حقن جي عالمي منشور کي اختيار ڪرڻ جا 77 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي اسان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن سان پنهنجي يڪجهتي ج?? اظهار ڪريون ٿا جيڪي ڀارتي قابض فوج جي هٿان وڏي پئماني تي انساني حقن جي خلاف ورزين جو شڪار آهن. هن چيو ته انساني حقن جي ڏينهن جي لاءِ هن سال جو موضوع ”اسان جا حق، اسان جو مستقبل، هاڻي“ خ??ص طور تي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي لاءِ موزون آهي. هن چيو ته اسان ڀارت تي زور ڀريون ٿا ته هو ڪشميري عوام جي حقن ۽ آزادين کي دٻائڻ بند ڪري ته جيئن اهي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائون??ل جي لاڳاپيل قراردادن موجب پنهنجي خودمختياري ج?? حق استعمال ڪري سگهن.