اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) جي مالي سال 25-2024ع جي پهرين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ تقريبن 20 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏيندي في??لو وفاقي حڪومت کي موڪلي ڇڏيو آهي. نيپرا ترجما?? ڪالهه جاري ڪيل بيان موجب ڊسڪوز نيپرا کي ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽس جي درخواست ڏني هئي، جنهن تي اٿارٽي مالي سال 25-2024ع جي پهرين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ تي 20 نومبر تي عوامي ٻُڌڻي ڪئي هئي. اٿارٽي ڊيٽا جي جاچ پڙتال کانپوءِ ڊسڪوز جي صارفين لاءِ پ??رين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽس جي مد ۾ تقريبن 20 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جيڪو صرف ڊسمبر جي مهيني لاءِ بلن ۾ لاڳو هوندو، ان کان اڳ مالي سال 24-2023ع جي چوٿين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ صارفين کان ايوريج 1.74 رپيا في يونٽ چارج ڪيو پيو وڃي، جيڪ?? نومبر تائين لاڳو هو. پهرين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ ۾ گذريل مالي سال جي چوٿين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي ڀيٽ ۾ 1.54 رپيا في يونٽ صارفين کان گهٽ چارج ڪيو ويندو. ان ٽه ماهي جو لاڳو ٿيڻ ڊسڪوز ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي سمورن صارفين کانسواءِ لائيف لائن صارفين تي هوندو، ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جو في??ل?? نوٽيفڪيشن کان پهرين وفاقي حڪو??ت آگاهه ڪيو ويو آهي.