اسلام آباد-04 ڊسمبر (اي پي پي)هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده چيو آهي ت?? وڌندڙ آباديءَ سان هائوسنگ جي ضرورتن کي به هنگامي بنيادن تي ڏسڻو پوندو، پاليسي سازيءَ ۾ يونيورسٽين ۽ ريسرچرز جو اِن پُٽ اڻ??ر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لينگوئجز ۾ ريئل اسٽيٽ جي موضوع تي ڪا??فرنس کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته نمل مبارڪن جي مستحق آهي ت?? پهريون ڀيرو ان موضوع تي اهڙي ڪا??فرنس منعقد ڪئي. هائوسنگ جي ضرورتن کي هنگامي بنيادن تي ڏسڻ اڻ??ر آهي. هن چيو ته اسان کي انهن ملڪن جي ماڊلز جي پيروي ڪرڻي پوندي جن نئين آئيڊياز سان هائوسنگ ۽ ريئل اسٽيٽ ۾ بي پناهه ترقي ڪئي. ان سان گڏوگڏ پاليسي سازيءَ ۾ يونيورسٽين ۽ ريسرچرز جو اِن پُٽ به اڻ??ر آهي. هن چيو ته ريئل اسٽيٽ ۽ هائوسنگ ۾ شفافيت ۽ سهڪار جو فقدان آهي، شاگرد اسان جو قيمتي سرمايو آهن جن جي شموليت ريئل اسٽيٽ جي شعبي ۾ نواڻ آڻيندي.