ر??اض – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ٻن ڏينهن جي سعودي عرب جي دوري تي ????اض پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ر??اض جي نائب گورنر شهزاده محمد بن عبدالرحمان بن عبدالعزيز وزيراعظم جو ڪنگ خالد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ??ستقبال ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان جو سعودي عرب ۾ سفير احمد فاروق، پاڪستان ۽ سعودي اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ ساڻس گڏ آهن. وزيراعظم س??ودي عرب، فرانس، قزاخستان ۽ عالمي بئنڪ جي حصيداري سان منعقد ون واٽر سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو ۽ خطاب پ?? ڪندو.