اسلام آباد-16 نومبر(اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيشنل عوامي پارٽي جي اڳ??اڻ ۽ اڳوڻي سينيٽر الياس احمد بلور جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ڏکويل ڪٽنب سان تعزيت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته مرحوم الياس احمد بلور جي عوام جي ڀلائي لاءِ ڪيل خدمتن کي وساري نه ٿو سگهجي. الياس احمد بلور سينيٽر طور عوام جي بهترين نمائندگي ڪئي. س??دس سياسي خدمتن کي پڻ هميش?? ياد رکيو ويندو. الياس احمد بلور جي لاڏاڻي سان سياسي منظر نامي ۾ پيدا ٿيل خال کي ڀري نه ٿو سگهجي.