اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) گلگت بلتستان ۽ س??فران بابت وفاقي وزير انجن??ئر امير مقام چيو آهي ته ڪشمير پاڪستانين جي دلين ۾ رهي ٿو، 27 آڪٽوبر تي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي واضح پيغام ڏنو ويندو. جاري ڪيل بيان مُوجب انجن??ئر امير مقام جي صدارت هيٺ 27 آڪٽوبر ڪاري ڏينهن جي حوالي سان جائزه اجلاس منعقد ٿيو. ان موقعي تي انجن??ئر امير مقام چيو ته ڪشمير پاڪستانين جي دلين ۾ رهي ٿو، 27 آڪٽوبر تي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي واضح پيغام ڏنو ويندو. وفاقي وزير چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير تي ڏاڍ طور قبضو ڪري رکيو آهي جنهن کي ڪشميري عوام رد ڪري ڇڏيو آهي، والاريل ڄمون ڪشمير جي معاملي تي آل پارٽيز ڪانفرنس ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجن ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي پُختي حمايت جاري رکندو، ڪشميرين جو آواز سڄي دنيا تائين پهچايو ويندو ۽ پاڪستاني قوم ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل تائين سُک سان نه ويهندي. اهو اسان جو قومي فرض آهي ۽ ڪشمير مسئلو زندهه آهي ۽ آزاديءَ تائين اسان جي دلين ۾ زندهه رهندو. پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب حق خوداراديت کي حاصل ڪرڻ تائين ڪشميري ڀائرن جي سياسي، اخلاقي ۽ س??ارتي حمايت جاري رکندو. وفاقي وزارتن، صوبائي حڪومتن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير حڪومتن ج?? نمائندن وفاقي وزير کي ڪاري ڏينهن جي تياري بابت بريفنگ ڏني.