اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) منگوليا جو وزيراعظم اويون اردين لويسنا مسريي شنگهائي ??عا??ن تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي 23هين اجلاس جي ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان پهچي ويو. ايئرپورٽ اچڻ تي ناڻي واري مملڪتي وزير پرويز ملڪ معزز مهمان جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي روايتي لباس پهريل ٻارڙن معزز مهمان کي گلدستو پيش ڪيو. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ خيرسگالي جي جملن جو اظهار پڻ ڪيو و??و.
واضح رهي ته شريڪ ملڪن جا نمائندا ۾ اڳ ۾ ئي شنگهائي ??عا??ن تنظيم (ايس سي او) جي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پهچڻ شروع ٿي ويا آهن. ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ ايندڙ معززين جي استقبال لاءِ سڄي شهر کي رنگ برنگي روشنين ۽ گلن ۽ ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي جهنڊن سان سجايو و??و آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايس سي او سربراهه اجلاس جي صدارت ڪندو.