اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ فلسطين تي پاڪستان جي مستقل موقف جي توثيق ڪندي اسرائيل جي غيرقا??ون?? قبضي کي فوري طور تي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو خميس ڏينهن گڏيل قومن جي ا??ساني حقن واري ڪائونسل (يو اين ايڇ سي آر) ۾ بحث دوران فلسطينين جي حقن کي برقرار رکي. والاريل فلسطين ۾ انساني حقن جي صورتحال تي يو اين ايڇ سي آر جي مباحثي کي خطاب ڪندي پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ عالمي قانون کي برقرار رکڻ جي فوري ۽ لازمي ضرورت تي پاڪستان جو مستقل موقف پيش ڪيو، خاص طور تي ا??ڙي وقت ۾ جڏهن علائقائي ا??ن، سلامتي ۽ ان جي ساک کي شديد ??طرو هجي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سمورا انساني حق خودمختياري مان نڪرن ٿا جيڪي گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي ا??ساني حقن جي قانون ۾ لکيل آهن. هن چيو ته اسرائيل جو غيرقا??ون?? قبضو ختم ٿيڻ گهرجي ۽ نسل ڪشيءَ ۽ نسل پرستي کي روڪڻ جي لاءِ فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق جو احساس هجڻ گهرجي. پرڏيهي سيڪريٽري 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ متصل فلسطيني رياست جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت ج?? ورجاءُ ڪيو جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.