اسلام آباد – 01 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪس??ان ۾ اکين جي نور کان محروم ڪندڙ بيماري ”ٽريڪوما“ جي خاتمي جي اعلان کي اهم سنگ ميل قرار ڏيندي چيو آهي ته وقت سر علاج ۽ مناسب احتياطي تدبيرون ا??تيار ڪرڻ سان ڪروڙين ماڻهن جون زندگيون بچي ويون، ??ڪو??ت، اين جي اوز، ماهرن ۽ ڊبليو ايڇ او سميت سمورن ا??ارن جي ڪوششن سان اها ڪاميابي حاصل ٿي، اهڙي طرح جي گڏيل ڪوششن سان هر شعبي ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪس??ان کي ٽريڪوما فري ملڪ قرار ڏيڻ جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. واضح رهي ته ٽريڪوما هڪ اهڙي بيماري آهي جيڪا ڪليمائڊيا ٽريڪوميٽيس بيڪيٽريم جي انفيڪشن جي ڪري پيدا ٿئي ٿي ۽ جيڪڏهن وقت سر علاج نه ڪيو وڃي ته ان جي نتيجي ۾ مستقل اکين محروم ٿي سگهجي ٿو. صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) پاڪس??ان مان اکين جي نور کان محروم ڪندڙ بيماري ٽريڪوما جي مڪمل خاتمي جو اعلان ڪيو آهي، ڊبليو ايڇ او پاران ٽريڪوما فري ڪنٽري جو خط وزيراعظم جي حوالي ڪيو ويو. پاڪس??ان ان تاريخي سنگل ميل تائين پهچندڙ عالمي سطح تي 19 هون ملڪ بڻجي ويو آهي. وزيراعظم چيو ته ٽريڪوما جي خاتمي جو اعلان پاڪس??ان جي لاءِ خوش آئنده آهي، ??ڪو??ت، صحت واري وزارت، صوبائي ??ڪو??تن، اين جي اوز، ماهرن ۽ ڊبليو ايڇ او سميت سمورن ا??ارن گڏجي ڪوشش ڪئي ۽ ڪاميابي حاصل ٿي. هن چيو ته وقت سر علاج ۽ مناسب احتياطي تدبيرون ا??تيار ڪرڻ سان ڪروڙين ماڻهن جون زندگيون بچي ويون، اميد آهي ته اها بيماري ڪڏهن به ٻيهر ملڪ ۾ نه اڀرندي، احتياطي تدبيرن تي عمل جاري رکڻ گهرجي ۽ ان جي موثر نگراني جاري رکڻ گهرجي. هن چيو ته پوليو جو خاتمو اولين ضرورت آهي، پاڪس??ان ۾ هيپاٽائيٽس جي مريصن جو وڏو انگ آهي، پنجاب ۾ ان جو موثر علاج ڪيو ويو، پنجاب جي وزيراعليٰ جي قيادت ۾ ان حوالي سان پروگرام جاري آهي، اهڙي طرح ٻين صوبن ۾ به ان حوالي سان ڀرپور ڪم ٿي رهيو آهي، وفاقي ??ڪو??ت ان حوالي سان هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. هن چيو ته ڊبليو ايڇ او جي عزم ۽ ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو ۽ ٿورا ادا ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان اهڙي طرح پاڪس??ان کي ٻين شعبن ۾ ڪاميابي سان همڪنار ڪرائي سگهون ٿا، اسان کي پنهنجو پاڻ کي انهن چئلينجز جي لاءِ تيار ڪرڻو پوندو، پنهنجي فني صلاحيتن ۽ مهارتن جي دستيابي يقيني بڻائڻي پوندي، ادارن، آفيسرن، ڊاڪٽر ۽ فيلڊ آفيسرن سميت سڀ گڏجي هڪ جان ٻه دليون ٿي ڪم ڪنداسين ته ٽريڪوما وانگر زندگي جي هر شعبي ۾ ڪاميابي ملي سگهي ٿي. وزيراعظم جي قومي صحت واري ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ چيو ته اڄ صحت جي حوالي سان يادگار ڏينهن آهي، دنيا کي مختلف وبائي مرض درپيش آهن، صحت جي عالمي اداري پاران ٽريڪوما فري پاڪس??ان جي لاءِ قدم وزيراعظم جي ويزن طرف وڏي ڪاميابي آهي، صحت جو عالمي ادارو سڄي دنيا ۾ ڪيترن ئي مرضن جي حوالي سان قدم کڻي رهيو آهي، پاڪس??ان سميت 19 ملڪن کي ٽريڪوما فري بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ٽريڪوما ٽاسڪ فورس ??ي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم چيو ته ڊبليو ايڇ او جو پاڪس??ان مان ٽريڪوما جي خاتمي جو اعلان خوش آئنده آهي، ڌرين جي گڏيل حصيداري سان هزارين ماڻهن کي اکين جي نور کان محروم ٿيڻ کان بچايو ويو، صحت جي عالمي اداري جي رهنمائي ۾ 24 سالن جي محنت کانپوءِ ٽريڪوما جي مرض تي ضابطو آندو ويو. صحت جي عالمي اداري جي نمائندي ۽ پاڪس??ان ۾ ڊبليو ايڇ او جي سربراهه ڊاڪٽر لووداپنگ چيو ته پاڪس??ان ٽريڪوما مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري اهم سنگ ميل حاصل ڪيو آهي، پاڪس??ان ڊبليو ايڇ او جي ٽيڪنيڪي معاونت سان اها ڪاميابي حاصل ٿي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جا صحت جي حوالي سان قدم ساراهه جوڳا آهن، صحت جي عالمي اداري جي عالمي سطح تي ٽريڪوما تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ڪاميابيون حاصل ڪيون. ڊبليو ايڇ او موجب ٽريڪوما فري جو سنگ ميل حاصل ڪ??ڻ جي ڪاميابي عوامي صحت جي لاءِ پاڪس??ان ??ڪو??ت جي سياسي وابستگي، ڊبليو ايڇ او جي ٽيڪنيڪي معاونت ۽ صحت جي پيشيواراڻي ماڻهن، مقامي ڪميونٽيز، سول سوسائٽي ۽ ٻين حصيدارن جي ڀرپور حصيداري جي نشاندهي ڪري ٿي، اها ڪاميابي قابل روڪٿام بيمارين ۽ انهن جي خاتمي جي خلاف عالمي جدوجهد ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي.