ماسڪو-01 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڙپڪاري، نجڪاري ۽ مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آھي ته گڏيل سيڙپڪاري ذريعي پاڪستان ۽ روس جي واپاري لاڳاپن کي ھٿي وٺرائڻ چاھيون ٿا.سيڙپڪاري بورڊ پاران جاري پڌرائي مطابق وفاقي وزير ماسڪو ۾ پاڪ – روس بزنس فورم ۾ شرڪت ڪئي. فورم ۾ پاڪستان جي 60 ڪمپنين جي نمائند?? پڻ شرڪت ڪئي. وفاقي وزير فورم جي پھرين ڏينھن بزنس سيشن کي خصوصي طور خطاب به ڪيو. وفاقي وزير فورم ۾ شرڪت دوران روس جي صنعت ۽ واپار و??ري وزير سان ملاقات کان علاوه ماسڪو ۾ روس جي واپاري برادر?? سان ملاقاتو?? پڻ ڪندو. ان موقعي تي وفاقي وزير عبدالعليم خان جي ماسڪو چيمبر آف ڪامرس ۽ بزنس ايسوسي ايشن جي نمائندن سا?? پڻ ملاقات ٿيندي. واضح رھي ته ھو پنھنجي ٽن ڏينھن واري دورو دوران روس جي ڪاروباري شعبن سان لاڳاپيل ماڻھن سان وڌ کان وڌ ملاقاتون ڪندو. روس جي دوري ۽ فورم جي حوال?? سان وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آھي ته روس جي دور?? سان ٻنھي ملڪن جي ڪاروباري ۽ واپاري برادري کي وڌيڪ ويجھو آڻڻ چاھيون ٿا. گڏيل سيڙپڪاري ۽ سھولتن سان گڏ روس ۽ پاڪستان جي ماتحت ڪاروبار کي ھٿي ڏيڻ ڇاھيون ٿا. عبدالعليم خان ماسڪو ۾ روس جي وزيرن ۽ اعليٰ سرڪاري اختيارن سا?? پڻ ملاقاتون ڪندو جنھن سان پاڪ – روس واپاري لاڳاپن کي ھٿي وٺرائڻ ۾ مدد ملندي.