اسلام آباد – 30 – سيپٽ??بر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان سندس رهائشگاهه تي ??لاقات ڪئي ۽ ساڻس وڏي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي ڀاءُ جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي. صدر آصف علي زرداري اسحاق ڊار جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي گهري ??ک جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ??ومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پڻ صدر سان گڏ هئا. صدر مرحوم جي م??فرت جي لاءِ دعا ڪئي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.