اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) پوليو بابت وزيراعظم جي فوڪل پرسن عائشا رضا فاروق چيو آه?? ته ملڪ جي 66 ضلعن جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس موجود آه??، پوليو روڪٿام مهم ڪاميابي سان جاري آه?? ۽ سڄي ملڪ جي 115 ضلعن ۾ 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻارن کي حفاظتي ويڪسين فراهم ڪئي پئي وڃي. جمعي ڏينهن صحت واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق عائشا رضا فاروق چيو ته پوليو وائرس تي ضابطو آڻڻ لاء?? پوليو مهم ڪاميابي سان جاري آه??. جاري پوليو مهم ۾ سڄي ملڪ جي 115 ضلعن ۾ 3 ڪروڙ 30 لک ٻارن کي حفاظتي ويڪسين فراهم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ پوليو پروگرام جو نئين ??ر جائزو وٺڻ کانپوءِ جامع حڪمت عملي جوڙي وئي. وفاق ۽ صوبائي حڪومتن جي مشاورت سان پوليو جي خاتمي جو حتمي پلان جوڙيو آه??. پلان مطابق سيپٽمبر، آڪٽوبر ۽ ڊسمبر ۾ 3 مهمن ذريعي وائرس جي پ??يڙ کي روڪڻ جو منصوبو تيار ڪيو ويو آه??. هن چيو ته هن وقت 66 ضلعن جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس موجود آه??. ڪوالٽي وارين 03 پوليو مهمن ذريعي ان وائرس جي پ??يڙ کي روڪي محدود ڪري ڇڏينداسين. عائشا رضا فاروق چيو ته سيپٽمبر مهم جي هدف مطابق 2 لک 85 هزار پوليو ورڪر گهر گهر پوليو مهم ۾ سمورن ٻارن جي ڪوريج کي يقيني بڻائي رهيا آه??، وڌيڪ ٻه مهمون آڪٽوبر ۽ ڊسمبر ۾ منعقد ڪيون وينديون. ٿڌي موسم ۾ سائنٽيفڪ حڪمت عملي سان ان جو خاتمو ڪنداسين. جون 2025 تائين ??هترين ??ڪومت عملي سان پوليو تي ضابطو آڻينداسين.