اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ميجر عزيز ڀٽي شهيد (نشان حيدر) کي خراج عقيدت ??يش ڪندي چيو آهي ته 1965ع جي جنگ ۾ ميجر عزيز ڀٽي شهيد جرئت ۽ بهادري جي بي مثال تاريخ رقم ڪئي. هن دشمن جو بهادري سان مقابلو ڪندي وطن جي دفاع لاءِ جان جو نذرانو ??يش ڪيو. خميس ڏي??هن ميجر عزيز ڀٽي شهيد نشان حيدر جي يوم شهادت جي موقعي ت?? پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ميجر عزيز ڀٽي شهيد دشمن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملايو ج??هن تي س??ور?? قوم سندس بي مثال بهادري ۽ شجاعت کي سلام ??يش ڪري ٿي. شهيد پنهنجو اڄ قوم جي روشن ۽ محفوظ مستقبل لاءِ قربان ڪيو. اسپيڪر چيو ته شهيد قوم جا هيرو آهن، سندن قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو. ملڪ جي دفاع لاءِ پرعزم آهيون، ان خاطر ڪ??هن به قرباني کان پاسو نه ڪنداسين. اسپيڪر الله تعال??ٰ کان ميجر عزيز ڀٽي شهيد جي درجن جي بلندي ۽ ملڪ جي سلامتي ۽ ترقي لاءِ دعا پڻ ڪئي.