اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ هم نيوز جي سينيئر اينڪرپرسن عاصمه شيرازي جي گهر ويو ۽ سندس ڀاءُ محسن شيرازي جي لاڏاڻي تي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪي?? ۽ ??رحوم جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئ??. اطلاعات واري وفاقي وزير سان گڏ وزيراعظم جو ڪوآرڊين??ٽر بدر شهباز وڙائچ، سيڪريٽري اطلاعات عنبرين جان، جوائنٽ سيڪريٽري اطلاعات ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر پڻ موجود هئا. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ عاصمه شيرازي جي ڀاءُ محسن شيرازي جي لاڏاڻي کي گهرڀاتين جي لاءِ ناقابل تلافي نقصان قرار ڏيندي چيو ته ڀيڻ ڀاءُ قدرت جا انمول رشتا آهن، ڏک جي هن گهڙ??ءَ ۾ سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئ?? ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.