ڪراچي-30 آگسٽ (اي پي پي)پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خيبرپختونخوا جي ضلعي اپر دير جي علائقي پاتراڪ ۾ ڇپ ڪرڻ سبب فوتگين تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري پاتراڪ ۾ ريسڪيو آپريشن ۾ دير بابت رپورٽن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. هن چيو ته پاتراڪ ۾ پيش آيل حادثي ۾ ٻار?? سميت جاني نقصان تي ??کو??ل آهيان، حادثي ۾ پنهنجي پيارن کي وڃائيندڙ سوڳوارن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته جاچ ٿيڻ گهرجي ته پاتراڪ حادثي ۾ ريسڪيو آپريشن وقت سر ڇو نه شروع ٿي سگهيو، آئنده اهڙي طرح جي خامين ۽ مجرماڻي غفل?? کي روڪڻ لا??ِ بندوبست ڪرڻ ض??ور?? آهي.