اسلام آباد – 27 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ضلعي خيبر ۾ فتنه ??لخوارج جي خلاف ڪامياب انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پ??ش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته سيڪيورٽي فورسز جرئتمندي جو مظاهرو ڪندي دهشتگردن کي ماريو. هن آپريشن ۾ جوانن ج?? شهادت تي انهن کي خراج عقيدت پ??ش ڪندي چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکنداسين. صدر چيو ته ملڪ ۾ امن امان تي ڪو به ٺاهه نه ڪنداسين، ملڪ جي تحفظ جي لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائينداسين. صدر شهيدن ج?? درجن ج?? بلندي ۽ وارثن ج?? لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.