اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي سينئر اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته تحريڪ انصاف ڪور ڪ??انڊر هائوس، فوجي ٺڪاڻن، حساس عمارتن ۽ شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي، 9 مئي سانحي جي ڏوهه جو اعتراف ڪندڙ هاڻي ثبوت گهري رهيو آهي. پي ٽي آءِ باني جي مشروط ??عا??ي جي حوالي سان بيان تي رد عمل ۾ ه?? چيو ته 9 مئي تي ڪور ڪ??انڊر هائوس جي ٻاهران پي ٽي آءِ چيئرم??ن جون ٽيئي ڀينرون، ڀاڻيجا ۽ پارٽي اڳواڻ موجود هئا، سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڪور ڪ??انڊر هائوس ٻاهران اڳواڻ ڏسي سگهجن ٿا، انهن جي پارٽي جي ماڻه?? چيو ته خان نه ته پاڪستان نه، ان جي سياست سدائين ڀڃ ڊاهه ۽ باهيون ڏيڻ تي ٻڌل رهي آهي. طلال چوڌري چيو ته هُنن پي ٽي وي تي حملو ڪيو، پارليامينٽ جو دروازو ٽوڙيو، اه?? ڪڏهن ڳلي مان جهليندا آهن ته ڪڏهن پيرين پوندا آهن، هن پي ٽي آءِ باني کي مخاطب ٿيندي چيو ته هاڻي ڪا مشروط ??عا??ي ناهي، ڏوهارين کي سزا ملندي.