اسلام آباد – 02 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ پارلياماني پارٽين جي اڳواڻن جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ فلسطين ۾ جاري اسرائيلي جارحيت خ??اف قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ٺهراءُ آڻڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ ٻين پارلياماني معاملن جي حوالي سان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وز??ر اسحاق ڊار، قانون واري وفاقي وز??ر اعظم نذير تارڙ، ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه سميت ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، بئريسٽر گوهر علي خان، خواجا اظهارالحسن، مير خالد مگسي، ??ولانا عبدالغفور حيدري، ??لڪ محمد عامر ڊوگر، زرتاج گل، سيد نويد قمر، م??ر اعجاز حسين جکراڻي، ??نزه حسن، بلال اظهر ڪياني ۽ سيد حميد الدين شرڪت ڪئي.