اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ چيو آهي ته پاڪستان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ نوجوانن کي اڳتي وڌڻ لاءِ موقعا، وسيلا ۽ مدد فراهم ڪرڻ ۾ نمايان ڪم ڪيو آهي، وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان جي قيادت ۾ هي پروگرام نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ نمايان قدم کڻي رهيو آهي، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ ملڪ جي خوشحال مستقبل لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، دولت مشترڪه ينگ ا??ٽر پرينيوئرز ۽ انوويٽرز کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. اهڙو اظهار هن ينگ ا??ٽر پرينيورز ايوارڊز ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ گرمجوشي سان استقبال ۽ ميزباني تي پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جي ٿورائتي آهيان. مون پاڪستاني لباس پاتو آهي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته آئون به ??اڪستاني آهيان. هن چيو ته نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستان حڪومت جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن. پاڪستان طرفان دولت مشترڪه جي چارٽر موجب نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. نوجوانن کي روزگار ۽ ڪاروبار جون سهولتون فراهم ڪرڻ جون ڪوششن ان جي عزم جي عڪاسي ڪن ٿيون. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ 60 سيڪڙو نوجوان 30 سالن کان ننڍي عمر جا آهن جڏهن ته پاڪستان ۾ 65 سيڪڙو نوجوانن جي عمر 30 سالن کان گهٽ آهي. پاڪستان انهن نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجي جي تربيت ڏئي ۽ هنرمند بڻائي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهي ٿو ۽ هي نوجوان دنيا جي ترقي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستاني نوجوانن جي روشن مستقبل لاءِ پُراميد آهيان ۽ انهن جي ڪاميابي لاءِ هر ممڪن ت??او?? ۽ حصيداري لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته انهن نوجوانن جو حوصلو ۽ عزم قومي ترقي لاءِ اهم آهي. هن چيو ته دولت مشترڪه انهن نوجوانن جي ملڪي معاشي ترقي ۾ ڪردار جو اعتراف ڪري ٿي. اهي نوجوان تبديلي جو اهم حصو آهن، ملڪ جو مسقبل انهن جي هٿن ۾ آهي. هن چيو ته نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ ملڪ جي خوشحال مستقبل لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ??ڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته دولت مشترڪه ينگ ا??ٽر پرينيوئرز ۽ انوويٽرز کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن چيو ته هي ايوارڊ حاصل ڪندڙ مستقبل ۾ به ڪاميابيون حاصل ڪندا، کين تيزي سان بدلجندڙ دنيا جي ڏس ۾ پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. مصنوعي ذهانت جي اربين ڊالرن جي مارڪيٽ آهي جنهن مان جديد ٽيڪنالاجي ذريعي فائدو کڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته پاڪستان تيزي سان ترقي ڪندو ۽ دولت مشترڪه ان ۾ پاڪستان کي هر ممڪن ت??او?? فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو ته دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ جي پاڪستان اچڻ تي آجيان ڪريون ٿا. سندس پاڪستان جي دوري سان دولت مشترڪه سان لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. هن چيو ته دولت مشترڪه جي وفد سان ملاقات دوران سمورن شعبن ۾ ٻطرفو ت??او?? وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم شهباز شريف نوجوانن کي مالي طور تي بااختيار بڻائڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، چئلينجن باوجود ملڪ کي درست رخ ۾ گامزن ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي ڊاڪيومينٽري به ??يش ڪئي وئي.