ڪوئيٽا -23 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود خان چي?? آهي، ته موجوده حڪومت بلوچستان جي زخمن تي مرهم رکي ملڪ جي سڀ کان وڏي صوبي ۾ معاشي استحڪام لاءِ پرعزم آهي، اهو وقت پري ناهي جڏهن بلوچستان پاڪستان جو ترقي يافته صوبو هوندو. اتحاد ۽ اتفاق سان بلوچستان کي دنيا لاءِ رو?? ماڊل بڻائينداسين، پي پي اي ايف جا بلوچستان ۾ غربت ۾ گهٽتائي ۽ معاشي سرگرمين لاءِ ٺوس قدم تحسين جوڳا آهن. انهن خيالن جو اظهار هن ٻهراڙي جي خوشحالي لاءِ جٽادار ترقي تحت ميچنگ گرانٽس جا چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي تعليم واري صوبائي وزير راحيله حميد دراني، پاڪستان پاورٽي اويليوايشن فنڊ جو چي?? ايگزيڪيوٽو، ??ومي ورثه ۽ ڪلچر ڊويزن جي ايڊوائيزر، ايم پي ايز ۽ ٻيا لاڳاپيل اعليٰ عملدار به موجود هُئا. راڻا مشهود خان چي?? ته بلوچستان جي نوجوانن ۾ جيڪا تعمير، اڳيان وڌڻ، پنهنجي جڳهه ٺاهڻ جو جذبو ڏٺو، ??ي اهو ئي جذبو آهي جيڪو قومن کي اڳيان وڌائيندو آهي، اهو وقت پري ناهي جڏهن بلوچستان پاڪستان کي ليڊ ڪندو. هن چي?? ته موجوده حڪومت بلوچستان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ مخلصاڻيون ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چي?? ته وقت جي ضرورت آهي، ته اسان سڀئي گڏهي اتحاد ۽ اتفاق پيدا ڪيون، بلوچستان جي کجور، انگور سميت ٻي مصنوع??ت جي ايڪسپورٽ ۽ صوبي جي ماڻهن جي معاشي حالت بهتر بڻائڻ لاءِ وفاقي حڪومت اسلام آباد ۾ هڪ عالمي ايڪسپو منعقد ڪندي ته جيئن بلوچستان جي مصنوعات کي عالمي مارڪيٽ تائين پهچائي سگهجي. بلوچستان معدنيا سان مالا مال آهي، نيوٽڪ سان گڏ معدني??ت جي حوالي سان تربيت فراهم ڪري رهيا آهيون. هن چي?? ته سولرائزيشن منصوبي تحت بلوچستان جي زميند??رن کي پئڪيج ڏئي رهيا آهيون، وزيراعظم يوٿ قرض پروگرام تحت بلوچستان لاءِ خاص فيسليٽيشن سينٽر ٺاهينداسين ته جيئن بلوچستان جا نوجوان وڌ کان وڌ فائدو کڻي سگهن. سوشل ميڊيا تي اد??رن خلاف هڪ مهم هلائي پئي وڃي. اهو افسوسناڪ آهي، اسان جو دشمن اسان کي ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿو، جهانزيب خان تقريب کي خطاب ڪندي چي?? ته گراسپ منصوبي جو مقصد معاشري جي پيٺل طبقن کي معاشي سرگرمين ذريعي غربت جي لڪير کان مٿي آڻڻو آهي. هن چي?? ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت، يورپي يونين ۽ پي پي اي ايف جي تعاون سان 42000 ايس ايم ايز سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. صوبي جي 169 آبادگ??رن کي ميچنگ گرانٽس تحت 25 لک کان 3 ڪروڙ جي گرانٽس ڏني وئي جڏهن ته ايندڙ مرحلي ۾ 210 آبادگ??رن کي گرانٽس ڏني ويندي. هن چي?? ته گراسپ منصوبي تحت صوبائي حڪومت جي 700 آفيسرن ۽ ماتحت عملي ۽ 1500 آبادگ??رن کي ڪاروباري موقعن جي حوالي سان تربيت فراهم ڪئي جڏهن ته 30 آبادگ??رن پنهنجي مصنوعات سان گڏ عالمي ايڪسپوز ۾ شرڪت ڪئي. هن چي?? ته بلوچستان جي کجور، انگور ۽ چوپائي مال جي عالمي مارڪيٽ تائين رسائي لاءِ 12 پاليسيون جمع ڪرايون آهن.