اسلام آباد ?? 23 ??? جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسح??ق ڊار چيو آه?? ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان اعليٰ سطح جي ڳالهه ٻولهه ۽ مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آه??، ترڪمانستان جي قومي اڳواڻ قربان گلي بردي محمدوف جي پاڪستان جي دوري جا منتظر آه??ون، سندس پاڪستان جو متوقع دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي آفيس ۾ ترڪمانستانجي پرڏيهي وزير راشد ميريدوف سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان جا لاڳاپا امن ۽ خوشحالي جي گڏيل نصب العين تي ٻڌل آه??. ٻنهي ملڪن جي عوام جا هڪ ٻئي سان مضبوط لاڳاپا آه??. سينيٽر اسح??ق ڊار چيو ته ملاقات ۾ اسان ٻطرفي ايجنڊا سان گڏ علائقائي ۽ ??ال??ي اڳڀرائي جو پڻ احاطو ڪيو. ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير جو پاڪستان جو دورو ٻطرفي مٽاسٽا ۽ تعاون جي فروغ جي عزم جو اظهار آه??. خوشي آه?? ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان جا لاڳاپا مثبت رخ ۾ گامزن آه??. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ ٻطرفا تاريخي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آه??. گڏيل مشاورت جي ٽئين دور ۾ اسان مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو جڏهن ته اسان اعليٰ سطحي ڳالهه ٻولهه ۽ مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آه??. نائب وزيراعظم چيو ته اسان سياست، معيشت، دفاع سميت ٻين شعبن ۾ تعاون وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ آءِ ٽي جي ترجيحي شعبن ۾ رابطا وڌائڻ تي پڻ غور ڪيو آه??. هن چيو ته ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ايس آءِ ايف سي جي اهم ڪردار کان آگاهه ڪيو. اسان ترڪمانستان جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيون ٿا. پاڪستاني بندرگاهون ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادري جي لاءِ پرڪشش موقعا فراهم ڪن ٿيون. ترڪمانستان جون ڪمپنيون گوادر ۽ ڪراچي بندرگاهن مان فائدو کڻن. نائب وزيراعظم چيو ته تاپي گئس پائيپ لائين ۽ اليڪٽرسٽي ٽرانسميشن منصوبن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ ان جو جائزو ورتو ويو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان آزاد ويزا پاليسي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا. اسان ٻطرفي پارلياماني رابطن ۽ ثقافتي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آه??. تعليمي وظيفن ۽ عوامي سطح تي رابطن جي فروغ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آه??. سينيٽر اسح??ق ڊار چيو ته اسان گڏيل قومن ۽ اي سي او سميت گهڻ رخي فورمز تي تعاون جي فروغ جي لاءِ پرعزم آه??ون. هن چيو ته ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال کان پڻ آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير راشد ميريدوف چيو ته پاڪستان اسان جو ويجهو دوست ۽ ڀائر ملڪ آه??، مهمان نوازي تي نائب وزيراعظم محمد اسح??ق ڊار ۽ پاڪستان حڪومت جو ٿورائتو آه??ان. هن چيو ته پاڪستاني هم منصب سان مختلف معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. اسان ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو. ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان سان سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعاون جي موقعن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ اسان تاپي گئس پائيپ لائين منصوبي تي اڳڀرائي جو پڻ جائزو ورتو.