اسلام آباد – 24 – جولائي (اي پي پي) دولت مشترڪه جي سي??ريٽري جنرل پيٽريسيا اسڪاٽ لينڊ پاڪستان حڪومت جي دعوت تي 28 جولاءِ کان 2 آگسٽ تائين پاڪستان جو پهريون سرڪاري دورو ڪندي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب دولت مشترڪه جي سي??ريٽري جنرل پنهنجي 5 ڏينهن جي دوري دوران پاڪستان جي قيادت، ڪابينا جي ميمبرن، يوٿ ليڊرز، سول سوسائٽي جي ن??ائندن ۽ ٻين ڌرين سان ملاقاتون ڪندي. بيان موجب دولت مشترڪه جي سي??ريٽري جنرل جيڪا موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان جي حمايت لاءِ پرزور حمايتي رهي آهي، 2022ع جي تب??هي آڻيندڙ ٻوڏ جا ٻه سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي پاڪستان سان پنهنجي يڪجهتي جو ورجاءُ ڪندي، ان تب??هي آڻيندڙ ٻوڏ ملڪ جو ٽي ڀاڱي حصو ٻوڙي ڇڏيو هو جڏهن ته معيشت کي 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان پهتو هو. پيٽريسيا اسڪاٽ لينڊ جي ٻوڏ متاثر ٿيندڙ ڪجهه علائقن جي دوري جو پڻ امڪان آهي. دولت مشترڪه جي سي??ريٽري جنرل جي دوري دوران ڌريون پاڪستان ۽ دولت مشترڪه جي وچ ۾ گڏيل مفاد جي ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي طريقن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪنديون جن ۾ پاڪستان جي قومي ترقياتي منصوبي جي حمايت، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ واپار ۽ سي??پڪاري کي فروغ ڏيڻ شامل آهي. دولت مشترڪه ۽ پاڪستان پاران 24 – 2023ع تي ”نوجوانن جو سال“ قرار ڏيڻ کانپوءِ دولت مشترڪه جي يوٿ منسٽرز ميٽنگ جي صدارت ڪندي دولت مشترڪه جي سي??ريٽري جنرل وزيراعظم جي يوٿ پروگرام بابت تفصيلي بريفنگ وٺندي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان تنظيم جي باني ميمبرن مان هڪ جي طور تي دولت مشترڪه کي عالمي مسئلن ۽ چئيلنجز تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ اهم فورم جي طور تي اهميت ڏي ٿو. دولت مشترڪه جي سي??ريٽري جنرل جو دورو پاڪستان ۽ دولت مشترڪه جي وچ ۾ پراڻي حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو هڪ اهم موقعو فراهم ??ندو.