اسلام آباد – 12 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ پرڏيهي وزارت ۾ اعليٰ سطحي ڪميٽي جو پهريون اجلاس ٿيو جنهن ۾ هن سال 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف ??ورنمينٽ (سي ايڇ جي) جي اجلاس جي ضرورتن ۽ انتظامن جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اسلام آباد ۾ ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف ??ورنمينٽ جي اجلاس جي ميزباني کي بهتر انداز ۾ يقيني بڻائڻ جي لاءِ وزيراعظم جي هدايت تي اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي وئي آهي. ڪميٽ?? جي ميمبرن ۾ اقتصادي معاملن، گهرو معامل، اطلاعات ۽ نشريات وارن وارن وفاقي وزيرن کانسواءِ پرڏيهي معاملن، ڪابينا ۽ گهرو معاملن جا سيڪريٽريز ۽ سي ڊي اي چيئرمين شامل آهن. ڪميٽي ضرورتن جي تعين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ لاڳاپيل عملدارن کي ايس سي او جي مشق، پاڪستان جي عالمي حيثيت، پاڪستان جي روايتي مهمان نوازي سان هم آهنگ موثر انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڪميٽ?? جي ميمبرن جاري تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير تيارين جي رفتا?? کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. 2017ع ۾ ايس سي او جو مڪمل مي??بر بڻجڻ کانپوءِ کان پاڪستان ايس سي او جي مختلف فارميٽس ۾ سرگرمي سان حصو وٺي رهيو آهي. پاڪستان ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف ??ورنمينٽ (سي ايڇ جي) جي چيئر طور هن سال خزان ۾ ڪائونسل آف هيڊز آف ??ورنمينٽ جي 23 هين اجلاس جي ميزباني ڪندو. ڪائونسل آف هيڊز آف ??ورنمينٽ ايس سي او جو ٻ??و اعليٰ ترين فيصلاساز ادارو آهي، اهو سماجي، اقتصادي، ثقافتي ۽ ٻين انساني تعاون جي مسئلن سان گڏوگڏ ايس سي او جي بجيٽ ۽ مالياتي معاملن بابت آهي.