آستانه – 03 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ازبڪستان جي صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهڻ رخي لاڳاپن، واپار، رابطن، دفاع، سلامتي، ثقافت، عوام جي سطح تي رابطن ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل تعاون کي ??گهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي يقين ظاهر ڪيو آهي ته ترجيحي واپاري معاهدي ۽ پاڪستان ازبڪستان ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ کي ??ملي جامعو پارائڻ سان ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موج?? وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئيف جي وچ ۾ قا??قستان ۾ منعقد ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ٿي. وزيراعظم ۽ ازبڪستان جي صدر پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ گهڻ رخي لاڳاپن، واپار، رابطن، دفاع، سلامتي، ثقافت ۽ عوام سان عوام جي رابطن ۾ گڏيل لاڀائتي تعاون کي ??گهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته ازبڪستان خطي جي ملڪن جي لاءِ واپار جي توسيع جي حوالي سان هڪ ٽرانزٽ پوائنٽ آهي. ٻنهي اڳواڻن ان حوالي سان دستياب مختلف آپشنز جي جانچ شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ان کانسواءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي وڌائڻ جي لاءِ ڪراچي پورٽ کي ??رمز سان ڳنڍڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم شهباز شريف هڪ خوشحال وچ ايشيا ۽ وڌندڙ علائقائي رابطن جي لاءِ پاڪستان جي ??وا??ش جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ترجيحي واپاري معاهدي ۽ پاڪستان ازبڪستان ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ کي ??ملي جامعو پارائڻ سان ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو. ٻنهي اڳواڻن افغانستان جيڪو خطي جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ حصيدار ٿي سگهي ٿو، جي صورتحال ۽ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي لاءِ پاڪستان ۽ ازبڪستان ٻنهي جي گڏيل عزم تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ازبڪستان– افغانستان– پاڪستان ريلوي منصوبي جي جلد تڪميل تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.