اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي ٻئي مواصلاتي سيٽلائيٽ جي زمين جي م??ار ۾ موڪلڻ تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسان کي پنهنجي سائنسدانن جي ان شان??ار ڪاميابي تي فخر آهي، پاڪستاني سيٽلائيٽ جو چين جي خلائي مرڪز مان موڪلڻ پاڪستان ۽ چين جي مض??وط حصيداري جو مظهر آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ٻئي مواصلاتي سيٽلائيٽ پاڪ پاڪ سيٽ ايم ايم ون جي زمين جي م??ار ۾ موڪلڻ تي مون سميت پوري قوم کي پنهنجي سائنسدانن جي ان شان??ار ڪاميابي تي فخر آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني سيٽلائيٽ پاڪ سيٽ ايم ايم ون جي زمين جي گرد م??ار ۾ موڪلڻ سان پوري پاڪستاني قوم هڪ عظيم سنگ ميل عبور ڪري ورتو. هن چيو ته پاڪستاني سيٽلائيٽ جو چين جي شي چانگ سيٽلائيٽ لانچ سينٽر مان خلا ۾ موڪلڻ پاڪستان ۽ چين جي مض??وط حصيداري جو مظاهر آهي، اهڙن قدمن سان پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام جدت ۽ ٽيڪنالاجي جي ثمرن مان فائدو کڻي سگهنداسين. وزيراعظم چيو ته سيٽلائيٽ نه رڳو پاڪستان جي مواصلاتي نظام ۾ هڪ نئُون روح ڦُوڪيندو پر ان سان پوري ملڪ ۾ تيز ترين ان??رنيٽ جي سهولت فراهم ڪري سگهبي، سيٽلائيٽ مواصلاتي نظام ۾ بهتري سان اي ڪامرس، اقتصادي سرگرمين ۽ اي گورننس ۾ بهتري ۾ اهم ڪر??ار ادا ڪندو، پاڪستاني سيٽلائيٽ جو زمين جي م??ار ۾ 36 هزار ڪلوميٽر جي فاصلي تي موڪلڻ اسپارڪو ۽ لاڳاپيل ادارن جي وڏي ڪاميابي آهي جنهن تي پوري قوم ان??ن کي شاباس ڏي ٿي. هن چيو ته سيٽلائيٽ پاڪ سيٽ ايم ايم ون جو زمين جي م??ار ۾ ڪاميابي سان پهچڻ پاڪستان جي شان??ار مستقبل جي نويد آهي، الله تعاليٰ کان دعا آهي ته سيٽلائيٽ پاڪ سيٽ ايم ايم ون ملڪ ۾ مواصلاتي نظام جي بهتري ۽ خلائي شعبي ۾ وڏين ڪاميابين جي نويد ثابت ٿئي.