اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت بين المذاهب هم اهنگي کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ٻڌمت جي اڳواڻ?? جي هڪ وفد ملاقات ڪئي. وفد پرڏيهي وزارت جي اهتمام هيٺ هڪ سمپوزيم ۽ ”گنڌارا کان دنيا تائين“ جي عنوان سان هڪ نمائش ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستا?? جي دوري تي آهي. وفد ۾ سريلنڪا جو ٻڌا ساسنا، مذهبي ۽ ثقافتي معاملن وارو وزير ودورا وڪرما نائيڪا، ويٽنام مان ٿيچ ڊڪ ٽوان، ٿائيلينڊ مان انيل ساڪيا ۽ نيپال مان ڊاڪٽر ڪيشبمن شاڪيا شامل هئا. وزيراعظم وفد جي آجيان ڪئي. هن سمپوزيم ۾ انه?? جي شرڪت تي ٿورا مڃيا جيڪو ويساک ڊي جي سلسلي ۾ منعقد ڪيو پيو وڃي جيڪو مهاتما ٻڌ جي پيدائش، روشن خيالي ۽ لاڏاڻي جي ياد ۾ ملهايو وڃي ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي پنهنجي ٻڌمت جي قديم ورثي تي فخر آ??ي جيڪو ٻه هزار سال اڳ گنڌارا آرٽ ۽ ثقافت جي شڪل ۾ اتر اوڀر پاڪستان ۾ پروان چڙهيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت بين المذاهب هم آهنگي کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿي. هن بين المذاهب هم آهنگي ۽ افهام ت??هي?? جي فروغ جي لاءِ ٻڌمت جي عالمن ۽ راهب?? جي اڻٿڪ خدمتن جو پڻ اعتراف ڪيو. ٻڌ اڳواڻن سمورن مذهب?? جي لاءِ شموليت ۽ احترام جي ثقافت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ وزيراعظم جي عزم کي ساراهيو. هن ٻڌمت جي ورثي جي جاين ۽ ثقافتي شي?? جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ پاڪستا?? جي ڪوششن کي ساراهيو. وفد جي ميمبرن پاڪستان ۾ ٻڌمت جي ورثي جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ پاڪستان سان تعاو?? جي خواهش جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران وزيراعظم ۽ وفد بين المذاهب مڪالمي ۽ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي طريقن سان گڏوگڏ پاڪستان ۽ ٻڌ اڪثريتي ملڪ?? جي وچ ۾ ثقافتي ۽ علمي مٽاسٽا جي موقعن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل افهام ت??هي?? ۽ تعاون جون راهون ڳولڻ ۽ وڌيڪ هم آهنگي ۽ عالمي ام?? جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ تعاو?? جي لاءِ هڪ گڏيل فورم قائم ڪرڻ جي امڪان تي خاص طور تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ شرڪت ڪئي.