اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان ۾ ڇوڪرين جي لاءِ قائم نجي اسڪول تي دهشتگرد حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته قوم جي ڌيئرن جي تعليم ۾ رنڊڪ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ دهشتگرد عنصرن کي ڪيفر ڪردار تائ??ن پهچائينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي فوري نشاندهي ۽ سزا يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم حملي ۾ اسڪول جي تباهه ٿيل حصي کي فوري طور ت سرڪاري ??رچ تي ٻيهر تعمير ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته دهشتگردن جي ڇوڪرين جي تعليم کي روڪڻ جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، قوم جي ڌيئرن جي تعليم ۾ رنڊڪ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ دهشتگرد عنصرن کي ڪيفر ڪردار تائ??ن پهچائينداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان باصلاحيت ڌيئرن کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ ۽ انهن کي ترقي جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ڀرپور سگهه سان ڪوشش ڪري رهيا آهيون.