رياض -28 اپريل (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف سان عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا عالمي اقتصادي فورم جي سائيڊ لائينز تي اهم ملاقات ڪئي. ايم ڊي آءِ ايم ??يف گذريل سال اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ جي حوالي سان ??زي??اعظم جي قائداڻي ڪردار جي تعريف ڪئي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري پريس پڌرائي مطابق ??زي??اعظم شهباز شريف جي ٻيهر چونڊجڻ کان پوءِ هي سندس ايم ڊي آءِ ايم ??يف سان پهرين ملاقات هئي. سندن آخري ملاقات جون 2023ع ۾ پيرس ۾ سمٽ فار نيوگلوبل فنانشل پيڪٽ دوران ٿي هئي. ??زي??اعظم ڪرسٽالينا جارجيوا جو گذريل سال آءِ ايم ??يف کان 3 بلين آمريڪي ڊالرن جو اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ (ايس بي اي) حاصل ڪرڻ ۾ پاڪستان جي حمايت تي شڪريو ادا ڪيو. آءِ ايم ??يف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو (اڄ) اجلاس ٿيڻ جو امڪان آهي جنهن ۾ ايس بي اي تحت 1.1 ارب آمريڪي ڊالرن جي حتمي قسط جو فيصلو ڪيو ويندو. ايم ڊي آءِ ايم ??يف گذريل سال اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ جي حوالي سان ??زي??اعظم جي قائداڻي ڪردار جي تعريف ڪئي. ??زي??اعظم ايم ڊي آءِ ايم ??يف کي ٻڌايو ته سندس حڪومت پاڪستان جي معيشت کي ٻيهر پٽڙي تي آڻڻ لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. هن ناڻي واري ??زي?? محمد اورنگزيب جي سربراهي ۾ پنهنجي مالياتي ٽيم کي سڌارا ڪرڻ، سخت مالياتي نظم و ضبط کي يقيني بڻائڻ ۽ اهڙين دانشمنداڻين پاليسين تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جيڪي ميڪرو اڪنامڪ استحڪام ۽ پائيدار اقتصادي ترقي کي يقيني بڻائين. ٻنهي ڌرين پاڪستان جي آءِ ايم ??يف جي هڪ ٻئي پروگرام ۾ داخل ٿيڻ تي به ڳالهيون ڪيون ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته گذريل سال ۾ حاصل ٿيل فائدن کي مستحڪم ڪيو وڃي ۽ ان جي اقتصادي ترقي جي رفتار مثبت رهي. ايم ڊي آءِ ايم ??يف پاڪستان سان جاري پروگرامن جائزه جي عمل جي باري ۾ پنهنجي اداري جي نقطئه نظر کان آگاهه ڪيو. ??زي??اعظم ايم ڊي آءِ ايم ??يف کي سندن سهولت مطابق پاڪستان جي دوري جي دعوت به ڏني.