اسلام آباد– 26 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تربت نيول ايئر بيس تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽ?? فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽ?? فورسز جي وقت سر ۽ موثر ڪارروائي سان دهشتگرد جهنم واصل ٿيا ?? اسان هڪ وڏي نقصان کان بچي وياسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته اسان دهشتگردي جي لعنت کي ڪچلڻ ج?? لاءِ پرعزم آهيون، پوري قوم پنهنجي بهادر سيڪيورٽ?? فورسز سان گڏ بيـٺل آهي ۽ انهن کي سلام پيش ڪري ٿي.