اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جو فيصلو برقرار رکندي آ??يس??و کي بجلي ڪنيڪشن هڻڻ ۾ دير تي شڪايت ڪندڙ کي 139860 رپيا واپسي جي هدايت ڪري ڇڏي. آ??يس??و حاجي اختر رحيم کي لاڳت ۾ اضافي جي ڪري غيرمنصفاڻي طور تي بجلي ڪنيڪشن جي لاءِ اضافي ڊيمانڊ ن??ٽيس جاري ڪيو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب حاجي اختر رحيم ٽرانسفارمر ۽ بجلي ڪنيڪشن جي لاءِ آ??يس??و کي درخواست ڏني هئي، شڪايت ڪندڙ کي لاڳاپيل سامان جي قيمت س??يت 305656 رپين جو ڊيمانڊ ن??ٽيس جاري ڪيو ويو، شهري رقم جمع ڪرائي، وقت سر ڪنيڪشن لڳائڻ بدران قيمت ۾ اضافي جي ڪري اضافي ڊيمانڊ ن??ٽيس جاري ڪيو ويو. شهري ڊيمانڊ ن??ٽيس واپس وٺڻ جي لاءِ آ??يس??و سان رجوع ڪيو پر ريليف نه ڏنو ويو. شهري شڪايت جي ازالي جي لاءِ وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو، جنهن شهري جي حق ۾ فيصلو ڏنو. آ??يس??و محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر وٽ درخواست داخل ڪئي. ڪيس جي ذاتي ٻڌڻي، رڪارڊ ڏسڻ کانپوءِ صدر آ??يس??و کي رقم واپسي جي هدايت ڪئي. صدر چيو ته آ??يس??و 30 ڏينهن جي اندر بجلي ڪنيڪشن نه لڳائي پنهنجي ئي طريقيڪار جي خلاف ورزي ڪئي، آ??يس??و 30 ڏينهن ۾ ڪنيڪشن لڳائڻ جي پابند آهي، نه هڻڻ ۾ 7 مهينن جي دير ٿي، آ??يس??و شڪايت ڪندڙ کي اضافي ڊيمانڊ ن??ٽيس موڪليو، جڏهن ته هو اڳ ۾ ئي گهربل رقم ادا ڪري چڪو هو. هن چيو ته آ??يس??و صارفين کي خدمتن جي فراهمي جي خلاف ورزي ڪئي، هڪ ڀيرو ڊيمانڊ ن??ٽيس جي مڪمل ادائيگي کانپوءِ قيمت ۾ اضافي جي ڪري ڪي به چارجز/ ڊيمانڊ ن??ٽيس نه ٿو ڏئي سگهجي. وفاقي محتسب جو فيصلو صحيح دليلن تي ٻڌل، قانوني طور تي پائيدار آهي. صدر آ??يس??و جي درخواست کي رد ڪندي وفاقي محتسب جي فيصلي کي برقرار رکيو.