اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ حريت ڄمون ۽ ڪشمير کي پنج سال جي مدي لاءِ ”غ??رق??نوني تنظيم“ قرار ڏيڻ جي ڀارتي عملدارن جي فيصلي جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب تحريڪ حريت ڄمون ۽ ڪشمير ٻي ڪشميري پارٽي آهي جنهن کي ڀارت غ??رق??نوني سرگرمين جي (روڪٿام) ايڪٽ تحت هڪ هفتي کان به گهٽ عرصي ۾ ڪالعدم قرار ڏنو آهي، ان تي پابندي کانپوءِ ڀارت جي غ??رق??نوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪالعدم ڪشميري سياسي پارٽين جو انگ 6 ٿي وي?? آهي. بيان موجب تحريڪ حريت ڄمون ۽ ڪشمير ??و بنياد ناليواري ڪشميري اڳواڻ سيد علي شاهه گيلاني رکيو هو جنهن جو 2021ع ۾ ڊگهي نظربندي دوران لاڏاڻو ٿي وي?? هو. بيان ۾ وڌيڪ چيو وي?? آهي ته قابض عملدارن سندس ميت کي بي رحمي سان کسي ورتو ۽ ان جي ويجهي مائٽن کي سندس جنازي ۾ شرڪت جي اجازت نه ڏني وئي. ترجمان ??يو ته سياسي پارٽين تي پابندي ڪشميري عوام کي محڪوم بڻائڻ، اختلاف راءِ کي دٻائڻ ۽ ڀارت جي غ??رق??نوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ??ي پنهنجي قبضي کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڀارت جي ڪڌي مهم جو حصو آهي، اهي ڪارروايون جمهوري اصولن ۽ عالمي انساني حقن سميت انساني قانونن جي واضح خلاف ورزي آهن. بيان موجب ڀارت کي والاريل ڪشمير ۾ غ??رق??نوني طور تي ڪالعدم قرار ڏني وي??دڙ سمورين سياسي پارٽين تان پابندي هٽائڻ گهرجي، ڪشميري عوام جي بنيادي حقن ۽ آزادين جو احترام ڪرڻ گهرجي، سمورن سياسي قيدين کي آزاد ۽ ڄمون ۽ ڪشمير ??ابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي.