اسلام آباد – 26 – ??سمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آه?? ته خيبرپختونخو??هه جي نئين ضم ٿيل ضلعن جي ترقي، ڀلائي ۽ خوشحالي جي لاءِ وفاقي حڪومت محدود وسيلن جي باوجود صوبائي حڪومت کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندي، صوبي جي عوام دهشتگردي جي خلاف لازوال قربانيون ڏنيون آه??، صوبي جا مالي وسيلا حل ڪرڻ جي لاءِ هڪ سيڪريٽريل ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا نيٽ هائيڊل پرافٽس ۽ تي?? ۽ گئس جي رائلٽي جي ادائيگي جي حوالي سان سفارشون جوڙي، خيبر ميڊيڪل ڪاليج پشاور ۽ ايوب ميڊيڪل ڪاليج ايبٽ آباد کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ جو ڪم تيز ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ خيبرپختونخو??هه جي معاملن بابت اهم جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخو??هه جي نئين ضم ٿيل ضلعن جي ترقي، ڀلائي ۽ خوشحالي جي لاءِ وفاقي حڪومت محدود وسيلن جي باوجود خيبرپختونخو??هه حڪومت کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. هن چيو ته خيبرپختونخو??هه جي مسئلن کان پوري طرح آگاهه آه??ون، اسان خيبرپختونخو??هه جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ بيٺل آه??ون. نگران وزيراعظم خيبرپختونخو??هه صوبي جا مالي وسيلا فوري طور تي حل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته هن صوبي جي عوام دهشتگردي جي خلاف لازوال قربانيون ڏنيون آه??. نگران وزيراعظم صوبي جا مالي مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ هڪ سيڪريٽريل ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي جيڪا ان حوالي سان حڪمت عملي جوڙيندي. ڪميٽي نيٽ هائيڊل پرافٽس ۽ تي?? ۽ گئس جي رائلٽي جي ادائيگي جي حوالي سان سفارشون جوڙيندي. ڪميٽي جي سربراهي ناڻي وارو وفاقي سيڪريٽري ڪندو جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ منصوبابندي وارو وفاقي سيڪريٽري، پاڻي وسيلن وارو وفاقي سيڪريٽري ۽ پيٽروليم وارو وفاقي سيڪريٽري شامل هوندا. نگران وزيراعظم خيبر ميڊيڪل ڪاليج پشاور ۽ ايوب ميڊيڪل ڪاليج ايبٽ آباد کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ جو ڪم تيز ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته نگران حڪومت گذريل چئن مهينن ۾ هر شعبي ۾ سڌارا متعارف ڪرايا آه?? جن جو فائدو ملڪ ۽ قوم ۽ ايندڙ چونڊيل حڪومت کي ٿيندو. اجلاس ۾ ناڻي واري نگران وفاقي ڊاڪٽر شمشاد اختر، ??وا??ائي واري نگران وفاقي وزير محمد علي، قانون ۽ پاڻي وسيلن واري نگران وفاقي وزير احمد عرفان اسلم، خيبرپختونخو??هه جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ ارشد حسين شاهه، ناڻي واري نگران صوبائي وزير احمد رسول بنگش، نئين ضم ٿيل ضلعن بابت نگران صوبائي وزير عامر عبدالله، ايف بي آر چيئرمين، واپڊا چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.