هنزه – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گلگت بلتستان ۾ بج??ي جي مسئلن جي جلد کان جلد حل ج?? خاطري ڪرائيندي لاڳاپيل عملدارن کي گلگت بلتستان ۾ نجي شعبي سان گڏجي مقامي طور تي بج??ي جي پيداوار جي حڪمت عم??ي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي، نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي گلگت ۾ مواصلاتي نظام جي نئين سر تعمير ۽ بهتري جي لاءِ حڪمت عم??ي جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ واديءَ هنزه جو دورو ڪيو. دوري ۾ نگران وزيراعظم هنزه جي سياسي قيادت، اڳواڻن ۽ سماجي شخصيتن سان ملاقات ڪئي ۽ قراقرم ايريا ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن جي منصوبي هنر کن جو دورو ڪيو. هنزه جي سياسي قيادت ۽ اڳواڻن نگران وزيراعظم کي هنزه ۾ بج??ي جي بحران، ضلعي هنزه جي آبادي جي تناسب جي حساب سان گلگت بلتستان اسيمبلي ۾ اضافي سيٽن جي فراهمي ۽ ٻين مسئلن کان آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم وفد کي گلگت بلتستان ۾ بج??ي جي مسئ??ي جي جلد کان جلد حل ج?? خاطري ڪرائي. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي گلگت بلتستان ۾ نجي شعبي سان معاهدن جي ذريعي مقامي طور تي بج??ي جي پيداوار جي حڪمت عم??ي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ گلگت بلتستان جي سياسي قيادت نگران وزيراعظم کي سياحت جي شعبي کي درپيش مسئلن بابت آگاهه ڪيو. وفد نگران وزيراعظم کان گلگت بلتستان جي مختلف حصن کي هوائي سفر جي ذريعي ڳنڍڻ جو مطا??بو ڪيو. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي گلگت ۾ مواصلاتي نظام جي نئين سر تعمير جي حڪمت عم??ي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. سياسي قيادت نگران وزيراعظم کان گلگت بلتستان ۾ اليڪشن قومي سطح جي اليڪشن سان گڏ منعقد ڪرائڻ جي درخواست ڪئي. نگران وزيراعظم چيف سيڪريٽري گلگت بلتستان کي هدايت ڪئي ته هو اجلاس ۾ بيان ڪيل مسئلن کي جلد کان جلد حل ڪرڻ ۾ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي. ملاقات ۾ گلگت بلتستان جو اڳوڻو گورنر مير غضنفر علي خان، گلگت بلتستان اسيمب??ي جي اڳوڻي ميمبر راني عتقيه، گلگت بلتستان اسيمب??ي جو ميمبر ڪرنل (ر) عبيدالله بيگ، گلگت بلتستان اسيمب??ي جي ميمبر دلشاد بانو ۽ ٻيون سياسي ۽ سماجي شخصيتون شامل هيون. بعد ۾ نگران وزيراعظم هنزه ۾ قراقرم ايريا ڊيولپمينٽ آرگنائيزيسن جي منصوبي ”هنر کن“ ۾ موجود ڪاڊو ڊيجيٽل هب ۽ خصوصي ماڻهن جي بحا??ي جي سينٽر جو دورو ڪيو. دوري دوران نگران وزيراعظم مقامي انتظاميا کي قراقرم ايريا ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن جي مقامي آبادي جي ڀلائي لاءِ خدمتن کي ساراهيو. دوري ۾ نگران وزيراعظم ڪاڊو هنر کن جي هوشيار فري لانسر شاگردن ۽ شاگردياڻين سان ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته گلگت بلتستان جي نوجوانن ۾ گلگت کي ترقي جي ر??هه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جو جوش ۽ ولولو انتهائي خوش آئنده آهي.