اسلام آباد _ 18 آگسٽ (اي پي پي ) ڊاڪٽر نديم جان نگران و??اق?? صحت و??ري وزير جي حيثيت ۾ پنهنجي وزارت جو قلمدان سنڀالي ورتو آهي . صحت و??ري وزارت جي ترجمان طرفان جاري بيان مطابق و??اق?? صحت و??ري سيڪريٽري افتخار علي شلوني ۽اسٽاف صحت و??ري وزير جي آجيان ??ند?? چيو ته ڊاڪٽر نديم جان صحت جي شعبي ۾ شاندار خدمتن جي اعتراف ۾ ستاره امتياز حاصل ڪري چڪو آهي . هو پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ پنهنجن خدمتن جي بدولت عالمي شهرت رکي ٿو . چارج سنڀالڻ بعد وزارت جي آفيسرن ۽ هيڊ آف ڊيپارٽمنٽ سان تعارفي ملاقات به ڪئي . ان موقعي تي و??اق?? صحت کاتي جي سيڪريٽري افتخار شلواني ، ايڊيشنل سيڪريٽري ڪامران رحمان خان ، ڊي جي هيلٿ ، جوائنٽ سيڪريٽري ۽ ٻيا آفيسر به موجود هئا . ان موقعي تي نگران و??اق?? وزير ڊاڪٽر نديم جان چيو ته صحت و??ري وزارت کي درپيش چيلنجز سان منهن ڏيڻ لاءِ ڀرپور صلاحيتن کي استعمال ۾ آندو ويندو . اسان کي ملڪ ۽ قوم جي فلاح ۽ ڀل??ئي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪرڻو پوندو . صحت جو شعبو اسان جي پهرين ترجيح آهي . عوام جا مسئلا گهٽ مدت ۾ حل ڪنداسي ، اسان سڀن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو . ڊاڪٽر نديم جان چيو ته صحت جي شعبي ۾ مفاد عام لاءَ انقلابي ۽ فلاحي منصوبن جي بنياد رکنداسي .