اسلام آباد – 10 – آگسٽ (ا?? پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان مخالف ڌر اڳواڻ راجا رياض جي ملاقات دورا?? نگران وزيراعظم جي نالن تي مشاورت ڪئي وئي. ملاقات ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ان اهم قومي معاملي تي وڌيڪ غور فڪر کانپوءِ سڀاڻي جمعي ڏينهن ٻيهر مشاورت ڪئي ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب مخالف ڌر اڳواڻ راجا رياض وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آئين جي روشني ۾ مخالف ڌر اڳواڻ کي نگران وزيراعظم جي مقرري جي لاءِ مشاو??ت جي حوالي سان ملاقات جي دعوت ڏني هئي. ملاقات ۾ وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي وچ ۾ نگران وزيراعظم جي نالن تي مشاو??ت جو پهريون دور خوشگوار ماحول ۾ ٿيو. ملاقات ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ان اهم قومي معاملن تي وڌيڪ غور فڪر کانپوءِ سڀاڻي جمعي ڏينهن ٻيهر مشاورت ڪئي ويندي.