اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف بهاره ڪهو باءِ پاس منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو. وزيراعظم گذريل سال 14 آڪٽوبر 2022ع تي منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو هو. 9 مهينن جي مختصر مدي ۾ 31 ج??لا??ِ 2023ع تي منصوبو مڪمل ڪيو ويو، جنهن تي 6 ??رب 25 ڪروڙ رپيا لاڳت ??ئي آهي، منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان مقامي آبادي ۽ سياحن کي بهترين سفري سهولتون ملنديون. اهو منصوبو 5.2 ڪلوميٽر رستي، ٻن پلين ۽ چئن انڊر پاسز تي ٻڌل آهي، منصوبي تي ڏينهن رات ڪم ڪري ان کي 6 مهينن جي مختصر مدي ۾ مڪمل ڪيو ويو آهي، جنهن سان خطي ۾ سياحت ج?? صنعت کي فروغ ملندو ۽ ٻارڻ جي بچت سان گڏوگڏ ماحولياتي آلودگي ۾ گهٽتائي ۾ به مدد ملندي.