اسلام آباد – 25 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف چيو آهي ته ڊينمارڪ ۾ عراقي سفارتخاني سامهون قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي تازي واقعي تي سڄي دنيا جي مسلمانن ۾ سخت ڪاوڙ جي لهر آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اسان پاڪستاني ان واقعي تي شديد ڏک ۽ تڪليف ۾ آهيون، ان مڪروهه ۽ شيطاني واقع?? جو بار بار ٿيڻ بين المذاهب لاڳاپن کي مجروح ڪرڻ، امن ۽ هم آهنگي کي نقصان پ??چا??ڻ ۽ مذهبي نفرت ۽ اسلامو فوبيا کي فروغ ڏيڻ جو ڪڌو ارادو رکي ٿو. هن حڪومت ۽ خاص طور تي مذهبي اڳواڻن کان مطالبو ڪيو آهي ته ??هي اهڙن ڪڌن طريقن کي ختم ڪري. وزيراعظم شهباز ش??يف چيو ته اچو اسان آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن کي اربين ماڻهن جي جذبن کي ٺيس پ??چا??ڻ نه ڏيون ۽ انهن کي انهن جي ڪڌي ايجنڊا تي عمل نه ڪرڻ ڏيون.