اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) آذربائيجان جو ڊيجيٽل ڊيولپمينٽ ۽ ٽرانسپورٽ وارو وزير رشاد نبيوف 17 کان 19 جولاءِ تائين پا??ست??ن جو دورو ڪندو. اه?? ڳالهه ??رڏ??هي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته هي دورو وزيراعظم جي باڪو جي تازي دوري کانپوءِ ٿي رهيو آهي. آذربائيجان جو وزير رشاد نبيوف انفارميشن ٽيڪنالاجي، هوابازي، مواصلات، ريلويز ۽ سامونڊي معاملن جي وزارتن جي پا??ست??ني هم منصبن سان ملاقاتون ڪندو ۽ ڪنيڪٽيويٽي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جو جائزو وٺندو.