اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ليونٿ ايونيو ??نصوبي جي پيڙهه رکي ڇڏيو. 7.2 ڪلوميٽر جو اهو منصوبو ٻن مرحلن ۾ 16 ارب رپين جي لاڳت سان مڪمل ٿي ويندو. وزيراعظم وفاقي وزيرن راڻا ثناءُ الله، مريم اورنگزيب سان گڏ اليونٿ ايوينيو ??نصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جا اڳوڻا مي??بر حنيف ??باسي، ملڪ ابرار، انجم عقيل خان، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم کي اليونٿ اوينيو ??نصوبي تي بريفنگ ڏني وئي. کيس ٻڌايو ??يو ته ان منصوبي جي پهرين مرحلي ۾ 4.20 ڪلوميٽر رستو تعمير ڪيوويندو، ان ۾ ٻه انٽرچي??ج ۽ ٻه فلائي اوور شامل آهن. ٽن ڦاڪن واري رستي تي 9 ارب رپيا لاڳت ايندي. پهريون مرحلو هڪ سال ۾ مڪمل ٿيندو. ٻئي مرحلي ۾ ٽي ڪلوميٽر ڊگهو رستو تعيمر ٿيندو جنهن ۾ ٻه انڊر پاس ۽ ٻه انٽرچينج شامل آهن. ٻئي مرحلي جي مڪمل ٿيڻ ۾ به هڪ سال لڳندو. اهڙي طرح اهو منصوبو ٻن سالن ۾ مڪمل ٿيندو. ٻئي مرحلي تي 7 ارب رپيا لاڳت ايندي. ان منصوبي تي ريلوي ٽريفڪ جنڪشن ۽ آءِ جي پي روڊ تي انٽرچي??ج ۽ فلائي اوور تعمير ڪيا ويندا. اليونٿ ايوينيو تي خيابان اقبال، ابن سينا، سري نگر هاءِ وي تي انٽرچي??ج ۽ فلائي اوور تعمير ٿيندا.