اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) پرڏيهي سيڪر??ٽر?? ڊاڪٽر اسد مجيد خان ٽوڪيو ۾ پنهنجي جاپاني هم منصب شيگيو ياماڊا سان مُلاقات ڪري ٻطرفي سياسي مشاورت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڌرين پاڪستان جاپان لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ پراڻي مضبوط لاڳاپن جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏڻ تي اتفاق ڪيو. ڳال??ه ٻولهه دوران اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي سيڪر??ٽر?? جاپان جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير تاڪي شونسوڪ ۽ قومي سلامتي جي صلاحڪار تاڪيو اڪيبا سان پ?? ملاقات ڪئي. هن جاپان – پاڪستان ايسوسيئيشن جي صدر شون اميزومي سان پڻ ڳال??ه ٻولهه ڪئي. جاپاني عهديدارن پرڏيهي سيڪر??ٽر?? سان ڳال??ه ٻولهه ۾ پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته جاپان هن سال جولاءِ جي پهرين هفتي ۾ پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي دوري جو منتظر آهي.