اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف يونان ٻيڙي حادثي جي جاچ ڪميٽي کي ڪارروائي مڪمل ڪري واقعي جي جلد رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته واقعي جي ذميوارن کي جلد ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب و??ير??عظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ يونان ويجهو ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي واقعي تي اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن راڻا ثناءُ الله، مريم اورنگزيب، خاص معاون طارق فاطمي، ڊي جي ايف آءِ اي، چيف سيڪريٽري آزاد ڪشمير ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. و??ير??عظم کي ??ونان ويجهو ر??م سمنڊ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي واقعي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. و??ير??عظم محمد شهباز شريف پڇاڻو ڪيو ته انساني اسمگلرن جون ڪارروايون وقت سر ڇو نه روڪيون ويون؟ و??ير??عظم ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇيو ته متاثر ماڻهن جو جن ضلعن سان تعلق آهي اتان جي انتظاميا ملوث اسمگلرن ۽ ايجنٽن جي ڪاررواين جو وقت سر نوٽيس ڇو نه ورتو؟ و??ير??عظم گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کي جاچ جي مڪمل نگراني ڪرڻ ۽ ذميوارن کي سزا ڏيارڻ جي حوالي سان ضروري قانونسازي جي ل??ءِ تجويزون جوڙڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾و ??ير??اظم کي ??يڙي اونڌي ٿيڻ جي واقعي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ??ڌايو ويو ته يوناني ڪوسٽ گارڊ 12 جون تي ٻيڙي جي نشاندهي ڪئي جنهن ۾ هڪ اندازي موجب 700 جي لڳ ڀڳ ماڻهو سوار هئا. ٻيڙي مصري شخص جي ملڪيت هئي جنهن ۾ اڪثر سوارن جو تعلق شام، ليبيا ۽ پاڪستان سان هو. ٻيڙي ۾ سوار ماڻهن مان 102 ماڻهن کي زندهه ريسڪيو ڪيو ويو آهي جن مان 15 جو تعلق پاڪستان سان آهي. و??ير??عظم چيو ته ٻيڙي اونڌي ٿيڻ کانپوءِ هن وقت تائين مجموعي طور تي 15 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جن ۾ ان واقعي جو مرڪزي جوابدار به شامل آهي. اجلاس کي ??ڌيڪ ٻڌايو ويو ته انساني اسمگلنگ ۾ مختلف ملڪن ۾ موجود هڪ منظم نيٽ ورڪ ملوث آهي. و??ير??عظم ان معام??ي جي تفصي??ي جاچ کي جلد مڪمل ڪرڻ ۽ ايف آءِ اي کي ان جي روڪٿام جا موثر قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. و??ير??عظم ڪمشنر گوجرانوالا کي ??ڻ ضلعي ۾ اهڙن ايجنٽس جي نشاندهي ڪري انهن کي جلد قانون جي پڪڙ ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي.