بغداد – 05 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀ??و زرداري عراق جي ٽن ڏينهن جي سرڪار?? دوري جي موقعي تي عراقي صدر ڊاڪٽر عبداللطيف رشيد سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير جي عراقي صدر ڊاڪٽر عبداللطيف رشيد سان اها ملاقات بغداد ۾ ٿي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ موجوده لاڳاپن تي اطمي??ان جو اظهار ڪيو ويو. پرڏيهي وزير بلاول ڀ??و زرداري ۽ عراقي صدر گڏيل تعاون جي سمورن شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ??يو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀ??و زرداري چيو ته پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ احترام ۽ روايتن تي ٻڌل گهرا ڀائراڻا ويجها لاڳاپا آهن.