اسلام آباد-04 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ترڪيھ جي صدر رجب طيب اردوان ۽ سندس گهر واري وچ ?? خوشگوار انداز ۾ ڳالهيون ٿيون جنهن ۾ پاڪستاني ??نبن جي به تعريف ڪئي وئي. صدر اردوان جي ح??ف برداري واري تقريب کان پوءِ روانگي جي موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف ۽ ترڪ صدر ۽ ان جي گهر واري وچ ?? دلچسپ ڳالهه ٻ??لهه ٿي. وزيراعظم ترڪيھ جي صدر کي ٻڌايو ته هو هاڻي واپس روانو ٿي رهيو آهي ۽ پاڪستان جي عوام ترڪيھ جي عوام کان به وڌيڪ توهان جو چونڊجن تي خوش آهي. وزيراعظم شهباز شريف ح??ف برداري تقريب ۾ شرڪت جي دعوت تي صدر اردوان جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته اوهان جي دعوت ڏيڻ جي مهربا??ي جو توهان پنهنجي خوشين ۾ اسان کي شريڪ ڪيو. وزيراعظم صدر اردوان کي ٻڌايو ته اسان توهان سڀني ??اندان وارن کي مبارڪون ڏيون ٿا ۽ نيڪ خواهشن جو به اظهار ڪيون ٿا. هن چيو ته هو صدر اردوان لاءِ انبن جو تحفو کڻي آيو آهي، جنهن مان اڌ پنهنجي ڀاءُ ۽ اڌ پنهنجي ڀيڻ لاءِ آهن. وزيراعظم جي ڳالهه تي صدر اردوان ۽ ان جي گهر واري ڏاڍو خوش ٿيا مسڪرائيندي ٿورو مڃيو ۽ مسڪرائيندي جواب ڏنو ته کين علم آهي ته پاڪستان جا انب تمام گهڻا لذيذ ۽ مٺا ٿيندا آهن، بيگم اردوان به وزيراعظم جو ٿورو مڃيو. صدر اردوان تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ نيڪ تمنائن جي اظهار تي وزيراعظم شهباز شريف جو خاص ٿورو مڃيو ۽ چيو ته توهان جي مهربا??ي جو دعوت ۾ شريڪ ٿيا.