اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سينيئر اينڪر پرسن مشعال بخاري جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مشعال بخاري جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي صدمو ٿيو، مرحومه جي ميڊيا جي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. پنه??جي تعزيتي پيغام ۾ هن دعا ڪئي ته الله ت??ال??ٰ مشعال بخاري مرحومه کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.