اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڻي ۽ توانائي جي تحفظ جي لاءِ روين ۾ تبديلي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان جي نتيجي ۾ پاڪستان پنهنجي مالي ۽ اقتصادي مشڪلات?? کي گهٽ ڪري س??هي ٿو، شام جي وقت ۾ ڪاروبار جلد بند ڪري اسان ٽي کان چار هزار ميگاواٽ توانائي جي بچت ڪري س??هون ٿا جڏهن ته ننڍا ۽ وڏا پاڻي ذخيرا ٺاهي برساتن ۽ ٻوڏ جي پاڻي کي بچائي ا?? کي زراعت ۽ ٻين مقصدن جي لاءِ استعمال ۾ آڻي س??هون ٿا. صدر اهڙن خيالن جو اظهار سسٽين ايبل ڊيولپمينٽ پاليسي انسٽيٽيوٽ (ايس ڊي پي آئي) جي 25 هين پائيدار ترقي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ سفارتڪارن ۽ عالمي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته اسان جي روين جو هدف فضلي ۾ گهٽتائي ۽ اسان جي غيرضروري خواهش?? کي ختم ڪرڻ طرف هجڻ ??هر??ي، اسا?? کي الله تعاليٰ ۽ محبت رسول (صه) سان سرشار ٿيڻ کانسواءِ پاڻ، پنهنجي خاندان، پاڙيسرين، انسانيت ۽ قوم سان گڏوگڏ ٻين قومن ۽ سموري جاندار ۽ غيرجاندار مخلوق سان نفرت کانسواءِ محبت جي مذهبي ۽ اسلامي قدرن تي ٻڌل خوشگوار زندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪرڻ ??هر??ي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان پنهنجي روين ۾ بامعنيٰ تبديليون آڻي معاشي ۽ مالي مسئلن تي ضابطو آڻي س??هون ٿا ۽ خوشگوار زندگي جو مضبوط بنياد رکي س??هون ٿا. هن چيو ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ اسان ٻوڏ کان متاٿر علائقن ۽ ملڪ جي ڪيترن ئي حصن ۾ ٻوڏ سٽيلن جي بحالي جي مرحلي ۾د اخل ٿي رهيا آهيون. صدر چيو ته اسا?? کي موسمياتي تبديلين جي ڪري ايندڙ امڪاني تبديلين موجب پاڻ کي انهن موجب بڻائڻ ۽ هڪ مضبوط معاشرو بڻائڻ جي ضرورت آهي جيڪو ماحول ۾ ٿيندڙ تبديلي?? کي اختيار ڪرڻ ۽ موسمياتي تبديلين ۽ گلوبل وارمنگ جي ڪري قدرتي آفتن سان ڪاميابي سان نڪرڻ جي قابل هجي. صدر چيو ته بحرانن ۽ مسئل?? کي منهن ڏيڻ جا مختلف مرحلا هوندا آهن جن جي شروعات اڳ ۾ مسئلي کي س??اڻڻ، هڪ بيس لائين ٺاهڻ، ماضي جي تجربن تي غور ڪرڻ ۽ ملڪ جي اندر ۽ سڄي دنيا ۾ سٺن طريق?? کي بينچ مارڪ ڪرڻ سان ٿئي ٿو. هن چيو ته اسا?? کي پنهنجي هدفن، اهم ڪارردگي جي اشارن ۽ هڪ ٽائيم لائين جو تعين ڪري پنهنجي ذهن ۽ وسيل?? کي مقرر هدف ۾ لڳائڻ ??هر??ي. صدر چيو ته موسمياتي تبديلي?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گلوبل وارمنگ کي محدود ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسا?? کي رويي ۾ تبديلي ۽ ٽائيم لائين جي لاءِ مڪمل عزم جي ضرورت آهي جيڪو في الحال دنيا ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهي. صدر چيو ته دنيا وڌيڪ پيداوار وارن ٻجن، پاڻي کي محفوظ ڪرڻ جي انتهائي موثر ٽيڪنيڪ، مائيڪرو نيوٽرينٽس فراهم ڪرڻ جي لاءِ مصنوعتي ذهانت جي استعمال جي ذريعي خوراڪ جي فراهمي جي دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جنهن سان پاڪستان ۾ به وڏي مقدار ۾ خوراڪ پيدا ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي. هن چيو ته ان سان بک تي آساني سان ضابطو آڻي س??هجي ٿو. صدر چيو ته پاڪستان ڪورونا جي وبا دوران بار بار هٿ ڌوئڻ، سماجي دوري ۽ ٻيون پابنديون ڪرڻ جا پيغام ڏئي علائقائي ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر ۽ سائنسي انداز ۾ وبائي مرض تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب رهيا. هن چيو ته وبائي مرض مستقبل ۾ ڪثرت سان پکڙجڻ وارا آهن.