اسلام آباد – 05 – ڊس??بر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معاشري ۾ عدم برداشت جي خاتمي ۽ ڀائيچاري جي فروغ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي جي لاءِ مذهبي رواداري ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي اصولن جي ترويج تمام ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دائود?? بوهرا برادري جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن هتي دائود?? بوهرا ڪميو??ٽي جي روحاني پيشوا ڊاڪٽر سيدنا مفدل سيف الدين جي نمائندي ڪوميل يونس جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته دائود?? بوهرا برادري جي پاڪستان جي لاءِ تمام گهڻيون خدمتون آهن، دائود?? بوهرا برادري هڪ پرامن جماعت آهي ۽ ان جا فلاحي جا ڪم متاثر ڪندڙ آهن. وزيراعظم چيو ته مذهبي رواداري ۽ برداشت پاڪستان جي باني قائداعظم جا اهي پراڻا اصول هئا جيڪي پاڪستان جي بنياد جو حصو آهن ۽ پاڪستان جي موجوده پرڏيهي پاليسي انهن جي ئي مظهر آهي. هن چيو ته معاشري ۾ موجود عدم برداشت جي خاتمي ۽ ڀائيچاري جي فروغ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم پاڪستان ۾ مذهبي هم آهنگي جي فروغ ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ ت?? بوهرا برادري جي ڪردار کي ساراهيو. هن دائود?? بوهرا برادري کي ٻوڏ متاثرين جي مدد ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ جي دعوت ڏني. ان موقعي تي وف?? وزيراعظم کي پنهنجي سمورن منصوبن ۾ سولر توانائي جي استعمال بابت ٻڌايو جنهن جي صلاحيت 6 ميگاواٽ آهي، وزيراعظم انهن جي ان قدم کي ساراهيو.