اسلام آباد– 08 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان پاران سينئر صحافين حامد مير، مرتضيٰ سولنگي ۽ وقار ستي کي وزير آباد سانحي ۾ ملوٽ ڪرڻ جي ڪوشش جي شديد مذمت ڪندي چيو آ??ي ته عمران خان سياست ڪري، فساد، فتنو ۽ انتشار نه پکيڙي، حڪومت ۾ رهي هن صحافين تي حملا ڪيا ۽ هاڻي صحافين تي ڪيس ٺاهي رهيا آهن. عمران خان سياست ڪري، صحافين جي جان کي خطري ۾ نه وجهي. پنهنجي بيان هن چيو ته لاشن تي سياست، صحافت تي سياست، عمران خان کي سياسي مخالفن سان گڏ سياسي جنگ وڙهڻ ئي نه ٿي اچي. سياسي مخالفن سان سياسي مخالفت ڪريو، ملڪ دشمني ته نه ڪريو. هن چيو ته جيڪو توهان ج?? خلاف ڳالهه ڪري اهو توهان جو دشمن آهي، عمران خان ٽنهي صحافين جا نالا وٺي انهن جي جان خطري ۾ وڌي جنهن جي شديد مذمت ڪريون ٿا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته پورو پاڪستان فارن فنڊيڊ فتني جي ڪوڙ، الزامن ۽ فساد جو شڪار آهي، اقتدار ۾ اچڻ جي لاءِ پوري ملڪ کي ب??هه لڳائڻ چ??هي ٿو، عمران خان ملڪ کي ب??هه لڳائي، رت وهائي ۽ لاش ڪيرائي ڇا ٿو ڪرڻ چ??هي. هن چيو ته صحافي سوال پڇن ته دشمن، ايف آءِ اي، اليڪشن ڪميشن ۽ عدالت سوال پ??ي ته دشمن. هن چيو ته فارن فنڊيڊ فتنو اڄ تائين پنهنج?? خلاف ڪنهن قانوني ڪيس ۾ پيش ناهي ٿيو.