اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان کي فيٽف جي گري لسٽ مان نڪرڻ ۾ ڪاميابي تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته پاڪستان حڪومتي، ادارن ۽ م??ڻهن پاران چار سال جي مسلسل محنت کانپوءِ ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي جنهن تي پاڪستاني قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته ان ڪاميابي جو سهرو انهن س??ورن ماڻهن ڏانهن وڃي ٿو جن اڻٿڪ محنت ڪئي، قا??ونن ۾ تبديليون ڪيون ۽ مني لانڊرنگ جي خاتمي جي حوالي سان قومي عز?? تي عمل ڪري ڏيکاريو آهي.