اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جو پاڪستا?? جي ٻن ڏينه?? جي دوري جي موقعي تي پرڏيهي وزارت پهچڻ تي استقبال ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي وزارت جا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا. بعد ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جنرل گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪيو. انتونيو گوتريس تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان متاثر پاڪستا?? جي عوام سان گهري همدردي ۽ يڪجهتي جي اظهار لاءِ پاڪستا?? جي دوري تي آهي. هو ٻوڏ کان شديد متاثر علائقن جو پڻ دورو ڪندو. ان کان اڳ هن وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي.